شاهه اولياء خان جي درگاهه

شاهه اولياء خان جي درگاهه

شاهه اولياء خان جي درگاهه

شاهه اولياء خان جي درگاهه: هيءَ درگاهه، تعلقي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين ۾، ٽنڊي باگي شهر کان 10 ڪلوميٽر اوڀر طرف ديهه نئون پاڙو ۾ واقع آهي. هن درگاهه ۾ اولياء خان نالي بزرگ جي مزار کان علاوه اٺ ٻيون به نامعلوم قبرون آهن. اولياء خان جي مزار کي ڏوليءَ نما ڪاٺ جو ڪٽهڙو ڏنل آهي، جيڪو مختلف رنگن سان سينگاريل آهي، جڏهن ته ٻيون مزارون بلڪل ساديون ۽ پٿرن سان ڍڪيل آهن. هن بزرگ جي دور بابت ڪابه معلومات نٿي ملي، پر مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته سندس تعلق ملتان جي ولي ۽ بزرگ حضرت بهاءُ الدين زڪريا جي خاندان سان هو. هڪ ڪمري جيتري ايراضيءَ تي مشتمل هيءَ درگاهه پڪين سرن ۽ پلستر سان اڏيل آهي. ٻاهرين ديوارن جي چؤڌاري نوڪدار ونگ سان کسي درين جا پينل ڏنل آهن. مهڙ واري ديوار جي وچ تي داخل ٿيڻ لاءِ ڪاٺ جو در نصب ٿيل آهي. در جي مٿان ورن وڪڙن سان خوبصورت ڊزائين ٺهيل آهي، ڇت ٽيئر گارڊرن جي آهي، جنهن جي چئني طرفن کان ڇڄو نڪتل آهي، وچ تي اٺڪنڊو ڳچ ۽ مٿان ڦارائون گنبذ رکيل آهي. گنبذ جي هيٺئين حصي ۾ ننڍڙا ننڍڙا ونگ، گنبذ تي اُبتو ڪوڻيءَ جو گل ڏنل آهي. ان جي مٿان ننڍي نيل رکيل آهي. ٻيڙٻني جي چئني طرفن کان گول مينار آهن، جن مٿان ننڍڙيون گنبذڙيون ۽ هڪ هڪ نيل رکيل آهي. درگاهه جي ويجهو ڏهه (10) قديم قبرون زبون حالت ۾ موجود آهن ۽ برسات سبب ڊهي ويل هڪ قديم ديوار جا آثار به نمايان آهن. مقبري جي چؤڌاري قبرستان ۾ ڪيتريون ئي ڪچيون پڪيون قبرون آهن. موجوده وقت ۾ هن درگاهه جو گادي نشين ميان نصير محمد شاهه آهي. هن درگاهه تي هر سال صفر جي مهيني ۾ عرس ٿيندو آهي، جنهن ۾ مقامي ماڻهو وڏي عقيدت سان شريڪ ٿي زيارت ڪندا ۽ باسون باسيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو